شِوَ مندر، عمرڪوٽ

شِوَ مندر، عمرڪوٽ

شو مندر عمرڪوٽ

شِوَ مندر، عمرڪوٽ: هيءُ مندر عمرڪوٽ کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. رستي ويندي صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جي فقير حضرت نماڻي شاهه جي درگاهه ايندي. هي مندر هيٺينءَ سنڌ جي هندن جي وڏي ۾ وڏي عبادت گاهه آهي، جو هتي وڏو لنگم رکيل آهي. هتي ٻين به ڪيترين ديوين جا مجسما رکيل آهن. هيءُ مندر 88 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. مندر هڪ دڙي تي ٺهيل آهي. هيٺان کان مٿي مندر تائين ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. وچيون عبادت وارو ڪمرو ڪافي وڏو آهي، جيڪو اندران سينگاريل آهي. هر سال هتي شو راتڙيءَ جو ٽن ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سوين ياتري شرڪت ڪندا آهن. هيءُ مندر سياحت جو پڻ مرڪز آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو